ڪرپشن خلاف فوج سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن: صدر عارف علوي

اسلام آباد : صدر عارف علوي چيو آهي ته فوج، عدليا، ميڊيا، حڪومت ۽ پارليامينٽ سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن، فوج سميت سڀني ادارن ۾ اتفاق آهي ته ڪرپشن تي ڪو سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ نئين پارلياماني سال جي شروعات تي گڏيل اجلاس ۾ حمد ۽ ثنا کانپوءِ اپوزيشن ڊيسڪ وڄائي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي پر صدر عارف علوي پنهنجو خطاب جاري رکيو ۽ ان دوران سمورين اپوزيشن جماعتن جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا.

صدر عارف علوي ايوان جو ٻيو پارلياماني سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان تاريخ جي اهم ترين موڙ تي موجود آهي، هي سٺو موقعو آهي ته ويجهي ماضي جي واقعن تي هڪ نظر وجهون ۽ گذريل ٻن سالن اندر جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي نظر وجهون، ڇا ڪيوسين، ڇا ڪرڻ گهرجي ها ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي مستقل ۾.

هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي، جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، انساني حقن جا طعنا ڏيندڙ پاڻ 100 پناهگيرن کي به پناهه نٿا ڏئي سگهن، ٻيو وڏو ڪارنامو افغان پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ آهي، جڏهن ته انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ به قوم جي وڏي ڪاميابي آهي، مان فوجين ۽ سياستدانن کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس بابت حڪومتي قدمن جو اعتراف سڄي دنيا ڪيو، ماڻهن کي ڊيڄاريو ويو ته مريض روڊن تي پيل هوندا، سائنس ۽ ڊيٽا جي حوالي سان طارق بن زياد ذهن ۾ اچي ٿو، جنهن ٻيڙيون ساڙيون ۽ فتح حاصل ڪئي، اسان اهڙو ئي نظريو اختيار ڪيو ته جيئن معيشت هلي ۽ عبادتگاهون به کليل رهن، الله جي مدد تڏهن ايندي آهي جڏهن توهان امت جو خيال رکو، سمارٽ لاڪ ڊائون به ڪامياب رهيو، عوام ۽ عالمن جو سهڪار تي ٿورائتو آهيان.

صدر عارف علوي حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موجوده حڪومت کان اڳ ڪرپشن جي بازار گرم هئي، معيشت زوال تي پهچي وئي هئي، ڪورونا بحران ۾ وزيراعظم جيڪو طريقي ڪار اختيار ڪيو اهو ڪامياب رهيو، ڪورونا کي منهن ڏيڻ تي حڪومت تعريف جي حقدار آهي، اسرائيل خلاف واضح موقف تي به وزيراعظم کي خراج پيش ڪيان ٿو.

پنهنجي خطاب ۾ هن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو موقف تسليم ڪرڻ تي دوست ملڪن چين، ترڪي، ملائيشيا، آذربائيجان ۽ ايران جا به ٿورا مڃيا.

سندس چوڻ هو ته ڀارت جي صورتحال اسان لاءِ به نقصانڪار آهي، ڀارت ۾ هندوتوا فاشزم نٿو هلي سگهي ۽ جلد ڪشمير آزاد هوندو، اسان پاڪستان ۾ شهرين کي پاڻ ۾ جوڙي رهيا آهيون، ڀارت ۾ مودي حڪومت ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهي آهي.

اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان، شبلي فراز، حماد اظهر، حفيظ شيخ، رزاق دائود ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔