پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 14 ڄڻا فوت

لاهور: پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران مختلف حادثن ۽واقعن ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ترجمان موجب لاهور جي علائي هربنس پوره جي ابراهيم ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ ريسڪيو ورڪر واقعي واري هنڌ پهتا، 2 لاش ۽ 7 زخمين کي ڪڍيو ويو، جن مان وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ صابر، ڪامران، اعظم ۽ اسلم شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ حبيب الله، ساحل، قمر بي بي، فاطمه ۽ فريده بي بي شامل آهن. ٻئي پاسي شيخوپوره ۾ مريد جي روڊ تي گهر جي ڇت ڪري پئي، نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن، منڊي بهاءُ الدين ۾ به پهاليه جي علائقي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ عورت ۽ 4 ٻار زخمي ٿي پيا آهن، چڪوال ڀرسان پڻ برسات سبب مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 3 مزدور فوت ٿي ويا، 5 زخمي ٿي پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔