ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام ، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي:ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو ، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا ، ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي دوران مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد عدنان ۽ رفيق مارجي ويا، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ، سي ٽي ڊي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، ڪورنگي ۾ پوليس طرفان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، مغوي ٻارڙو بازياب، هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته 6 ورهين جي ابراهيم کي عورت گهر ٻاهران اغوا ڪري وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔