سائوٿمپٽن ٽيسٽ: خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند روڪي وئي

لنڊن: پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ دوران چوٿين ڏينهن جي راند جاري آهي. اولڊ ٽريفورڊ ٽيسٽ ۾ ٻن ڏينهن تائين برسات به ڪافي مداخلت ڪئي.پهرين ڏينهن 46 اوور ٻئي ڏينهن صرف 40 اوور ڪرايا ويا جڏهن ته ٽئين ڏينهن برسات سبب هڪ اوور به نه ڪرايو ويو ۽ چوٿين ڏينهن پاڪستاني ٽيم 236 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. محمد رضوان 72 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي. انگلينڊ اڃان بيٽنگ جي شروعات ئي ڪئي هئي ته شاهين شاهه آفريدي پهرين ئي اوورز ۾ روي برنز کي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي پويلين واپس موڪلي ڇڏيو پر 5 اوورز کان پوءِ خراب روشني سبب هڪ دفعو ٻيهر راند کي روڪيو ويو.سائوٿمپٽن ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن به برسات سبب متاثر رهيو جنهن سبب صرف 46 اووز ئي ڪرايا ويا جنهن ۾ پاڪستان جي اڌ ٽيم صرف125 رنسن تي پويلين واپس موٽي وئي. شان مسعود صرف هڪ رنسن جو مهمان ثابت ٿيو. ڪپتان اظهر علي ۽ اسد شفيق هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ثابت ٿيا ۽ ٻئي ڄڻا صرف 5 ۽ 20 رنسون ٺاهي سگهيا. 11 سالن کان پوءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بنجندڙ فواد عالم صرف 4 بالن جو مهمان ثابت ٿيو ۽ هو بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي پويلين واپس موٽي ويو.فواد عالم پنهنجو آخري ٽيسٽ 2009 ۾ نيوزيلينڊ جي خلاف کيڏيو هو. عابد علي اڌ سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو پر هن به 30 رنسن تي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔