اسان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي گهڻي ڪامياب رهي: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي اسمارٽ لاڪ ڊائون واري حڪمت عملي گهڻي ڪامياب رهي، ان جي ڪري ئي معيشت جا مختلف شعبا کوليا ويا.

تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وزير اعظم عمران خان ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ مالديپ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو.

وزير اعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مالديپ جو پاڪستاني معيشت جي بحالي ۽ ٽورازم سيڪٽر جي لاءِ قدم تعريف جوڳا آهن، مالديپ پاڪستان ۾ انساني زندگي جي تحفظ ۽ روزگار جي بحالي بابت قدم کنيا.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان جي اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي گهڻي ڪامياب رهي آهي، اسمارٽ لاڪ ڊائون جي ذريعي معيشت جا مختلف شعبا کوليا ويا.

عمران خان چيو ته ترقي پذير ملڪن وٽ طبي شعبي جي بهتري لاءِ وسيلا گهٽ آهن، ترقي پذير ملڪن کي صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، قرضن ۾ نرمي جو مقصد ترقي پذير ملڪن جي معشت کي ڪورونا جي اثرن کان بچائڻ آهي، ڏکڻ ايشيائي ملڪ گڏيل سهڪار سان پنهنجي اقتصادي وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزير اعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان مالديپ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن ته صدر مالديپ ابراهيم محمد صالح سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزير اعظم پاڪستان سان فون تي ٿيل ڳالهين کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي لاءِ مددگار قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔