نيب پاران فوج خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مالي بدعنواني جي خبرن جي ترديد

اسلام آباد : نيب ترجمان موجب ليفٽينٽ جنرل نويد زمان ۽ ليفٽينٽ جنرل سجاد غني خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مالي بدعنواني جون خبرون بي بنياد آھن. قومي احتساب بيورو جي ترجمان چيو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن خلاف نيب ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جو ڪيس نه هيو نه آھي. نيب موجب فوجي آفيسرن بابت پلي بارگين ڪرڻ جون خبرون به بي بنياد آھن، سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔