ڊگهو ٽپو ڏئي دنيا کي حيران ڪندڙ سنڌ جو نوجوان آرمي جي ايٿليٽڪس ڪوچز کان ٽريننگ وٺندو

ڪراچي: لانگ جمپ (ڊگهو ٽپو) ذريعي سڄي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪندڙ ٺٽي جو نوجوان پاڪستان آرمي جي ايٿليڪٽس ڪوچز کان ٽريننگ حاصل ڪندو.
سنڌ جي نوجوان آصف جي ڊگهي ٽپو ڏيڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، شاخ جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ٽپو ڏئي پار ڪرڻ کان پوءِ جڏهن سندس 11 موٽر سائيڪل مٿان ٽپو ڏيڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي آئي ته هن سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
ويڊيو ڪلاڪن ۾ وائرل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر ميجر جنرل ريٽائرڊ اڪرم ساهي نوجوان کي هٿ ڪيو ۽ هن سان رابطو ڪري کيس لاهور گهرايو جيئن هن جي صلاحيتن کي ڏسي سندس ٽريننگ جو بندوبست ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔