نيب چيئرمين ڪهڙي قانون تحت ڀرتيون ڪندو آهي، سُپريم ڪورٽ جو نيب ۾ مقررين تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد :هڪ انجنيئر جو نيب ۾ ڪهڙو ڪم آهي، نيب چيئرمين ڪهڙي قانون تحت ڀرتيون ڪندو آهي، سُپريم ڪورٽ نيب ۾ مقررين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عرفان منگي سوڌو نيب ۾ ڊي جيز جي مقرريءَ جا تفصيل طلب ڪري ورتا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب چيئرمين آئين ۽ قانون کي باءِ پاس ڪري ڪيئن ٿو مقرريون ڪري سگهي، نيب چيئرمين هاڻي جج ناهي رهيو، کيس عدالت طلب ڪري سگهون ٿا، عرفان منگي ڪنهن جي سفارش تي نيب ۾ آيو آهي؟ مارشل لا دور ۾ قانون جي بخيا اڍيڙيا ويندا آهن، سُپريم ڪورٽ ۾ پاڻ کي نيب آفيسر سڏائي فراڊ ڪندڙ جوابدار جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب عرفان منگي چيو ته هو انجنيئر آهي ۽ نيب ۾ سندس پگهار 4 لک 20 هزار رُپيا ملي رهي آهي، کيس فوجداري معاملن جو به ڪو تجربو ناهي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هر ماڻهو ڪُرسي تي ويهي پنهنجي ايجنڊا هلائي رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا موقعا ڏيڻ باوجود نيب جا غيرقانوني ڪم جاري آهن، نيب آفيسرز جي نااهلي سبب ماڻهو جيلن ۾ سڙي رهيا آهن، ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ نيب جو نالو ئي ڪافي آهي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔