مودي وڌيڪ رهيو ته هندستان پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو: گورنر سنڌ عمران اسماعيل

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته اڄ هي پيغام پوري دنيا ۾ ويندو ته وفاق کان صوبن ۽ سرڪار کان مخالف ڌر تائين سمورا پاڪستاني ڪشميري ڪاز تي هڪ آهن. ڪراچي ۾ يوم استحصال جي ريلي کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير کي دنيا جو وڏو جيل بڻايو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ خطاب دوران وزيراعظم عمران خان يقين ڏياريو ته پوري قوم ڪشمير جي مسئلي تي هڪ آهن. عمران اسماعيل چيو آهي ته اڄ هندستان کي ااسان جو هي پيغام آهي ته طاقت سان توهان اسان کي جهڪائي نه ٿا سگهو. هن چيو ته هندستان ڪمزور ۽ پاڪستان مضبوط وڪيٽ تي آهي، هندستان ڪشمير بي انتها ظلم ۽ بربريت قائم ڪري ڇڏي آهي، مودي اڃا به رهيو ته هندستان پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔