مظفرآباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ يوم استحصال ريلي

اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي محاصري کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي مظفرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي ، جنهن جي اڳواڻي وزيراعظم عمران خان ڪئي .

وزيراعظم عمران خان مظفرآباد ۾ مزاحمتي ديوار جو به بنياد رکيو ، ساڻس ڪابينا جا ٻيا ميمبر به گڏ هئا .

وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ڀارتي وزيراعظم مودي جي هندوتوا نظريئي ۽ فاشسٽ بالادستي کي بي نقاب ڪيو آهي .

هن چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ کان اتان جا رهواسي ڀارتي استحصال ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ، ڀارت انهن جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي .

ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ آزاد ڪشمير جو صدر ، اطلاعات وارو ووزير ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔