ڀارت آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ اسرائيل کان سکيو آهي :صدر عارف علوي

اسلام آباد: سڄي دنيا ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ يومِ استحصال ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ يومِ استحصال ملهائڻ لاءِ ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، اسلام آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته يومِ استحصال ملهائڻ جو مقصد ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبصي تي دُنيا جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، ڪشميري ڀائرن تي ڀارتي ظلم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڪشميري ڀائر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي حمايت ۾ جدوجهد جاري رکندو ۽ هڪ ڏينهن کين ضرور آزادي ملندي، اسلام آباد ۾ ريلي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔