خميس کان طوفاني برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ ۾ رَين ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي : خميس کان ڇنڇر تائين طوفاني برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ ۾ رَين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، صحت کاتي جَي ملازمن توڙي آفيسرن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورين اسپتالن ۾ ايمبولينسز ۽ ٻيون سموريون گهربل شيون موجود رکڻ جون هدايتون پڻ ڪيون ويون آهن ، ڪراچي ۾ برساتي نالن جِي صفائي جو ڪم جاري آهي ، ناظم آباد ۾ ڳجهڙ نالي سميت پنج هنڌن تي نالا صاف ڪري گند ڪِچرو فوري طور لَينڊ فِل سائٽ منتقل ڪيو پيو وڃي، ايف ڊبليو او اختيارين موجب اڄ کان صفائي مهم جو دائرو وڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔