10 لک نوجوان ٽائيگر فورس جو حصو بڻجي چڪا آهن: عثمان بوزدار

اسلام آباد :خاص معاون عثمان ڊار چيو آهي ته هن کي خوشي آهي ته 10 لک نوجوان ٽائيگر فورس جو حصو بڻجي چڪا آهن. خاص معاون عثمان ڊار پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزير اعظم عمران خان ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.مون کي خوشي آهي ته 10 لک نوجوان ٽائيگر فورس جو حصو بڻيا، جن مان ٽن لکن نوجوانن ڪرونا دوران خدمتون سرانجام ڏنيون. عثمان ڊار چيو ته پنجاب انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ ٽائيگر فورس رجسٽريشن لاءِ اپلي ڪيشن بڻائي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان فيصلو ڪيو ته 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس سان گڏجي وڻڪاري ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔