قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پاڻي بيهجڻ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز طرفان احتجاج

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پاڻي بيهجڻ جي معاملي تي ڪراچي مان چونڊيل ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز طرفان احتجاج ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر ايوان مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري ويا، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي خطاب دوران اپوزيشن طرفان پڻ گوڙ ڪيو ويو، شاهه محمود قريشي جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبرز سيٽس تي اُٿي نعريبازي ڪئي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مون کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ته ڪير به نه ڳالهائي سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔