سوِل ايوي ايشن پي آءِ اي جي 17 پائليٽن جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي : سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) شڪي لائسنس جي معاملي تي پي آءِ اي جي 17 پائليٽن جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا، جن ۾ فرسٽ آفيسر به شامل آهن.

حڪومت جي منظوري کانپوءِ ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي لائسنس رد ڪرڻ جو باضابطي طور ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب قومي ايئر لائن جي 17 پائليٽن جا لائسنس رد ٿيڻ تي کين فارغ ڪرڻ لاءِ ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي، جڏهن ته معطل ٿيندڙ پائليٽن کي صفائي لاءِ 2 هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويو آهي.

پي آءِ اي انهن 17 پائليٽن کي 2019 ۾ اڳ ئي گرائونڊ ڪري ڇڏيو هو.

پي آءِ اي جي 48 پائليٽن جا اي پي ٽي ايل لائسنس بنا شوڪاز جاري ڪئي معطل ڪيا ويا آهن ۽ شڪي لائسنس تي 160 کان وڌيڪ پائليٽن جي لائسنس جي جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔