سنڌ اسيمبلي جو وفاق کان پيٽروليم ليوي سميت غير ضروري وصوليون فوري ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي وفاقي حڪومت کان پيٽروليم ليوي سميت ٻيون غير ضروري وصوليون فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري پيٽروليم ليوي جي معاملي تي وفاقي وزارت پيٽروليم کي باقاعده خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها پيٽروليم ليوي سميت ٻيون سموريون غير ضروري وصوليون فوري طور تي بند ڪري.

اهو خط جماعت اسلامي جي اسيمبلي ميمبر محمد فاروق طرفان پيش ڪيل قرارداد جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي. قرارداد ايوان ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ٿي هئي.

قرارداد جي متن موجب ملڪ ۾ پيٽرول جي اصل قيمت 238 روپيه 70 پئسا في ليٽر آهي پر حڪومت پيٽرول تي 80 روپيه پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي. انهي کان علاوه پيٽرول تي 5 روپيه ماحولياتي ليوي به لاڳو آهي.

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته مختلف مارجنز جي نالي تي وڌيڪ 25 روپيه 30 پئسا في ليٽر اضافي وصول ڪيا پيا وڃن. اهڙين غير ضروري وصولين سبب پيٽرول سان گڏوگڏ ڊيزل به مهانگو ٿي ويو آهي.

قرارداد ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ مهانگائي عوام تي 95 سيڪڙو اضافي بار وجهي ڇڏيو آهي. عوام اڳ ئي مهانگائي جي بار هيٺيان دٻيل آهي. انهي ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ  پيٽرول تي لڳايل غير ضروري ليويز ۽ ٽيڪسز کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔