پاڪستان جي حوثي حملن جي سخت مذمت، سعودي عرب جي غير مشروط حمايت جو اعلان

اسلام آباد:  پاڪستان سعودي عرب تي حوثي حملن جي سخت مذمت ڪندي سعودي عرب جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان سجاد حيدر خان هفتيوار نيوز بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مڪه معاهدو خطي جي سلامتي ڪوڊيٽرس جي ذريعي يقيني بنائيندڙ دفاعي اتحاد آهي، پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب تي ٻڌل مڪه معاهدي جي تحت مشاورت جاري آهي. معاهدو بعد ۾ هڪ جهڙي سوچ رکندڙ ٻين ملڪن جي لاءِ به کليل هوندو.

سجاد حيدر خان مڪه معاهدي ۾ ٻين ملڪن جي شموليت جي حوالي سان چيو ته هن وقت اهو معاملو غور هيٺ نه آهي. هن واضه ڪيو ته اهو معاهدو خالص دفاعي نوعيت جو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ٻطرفو دفاعي معاهدو به آهي ۽ ٻئي ٽئي ملڪ معاهدي ۾ شامل آهن.

هن پاڪستان طرفان ايران کي وارننگ ڏيڻ جي حوالي سان رائٽرز جي رپورٽ کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته ايران سان واپار جي معاهدن تي پنهنجي قومي مفاد ۾ سمجهوتو ڪنداسين. ياد رهي ته سجاد حيدر خان پاڪستاني پرڏيهي وزارت جو نئون ترجمان آهي. هن 2 سيپٽمبر 2026 تي اهو عهدو سنڀاليو ۽ ميڊيا نمائندن کي اڄ انهي جي اها پهرين نيوز بريفنگ آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان سجاد حيدر سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته حملا سعودي عرب جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي آهن. پاڪستان سعودي عرب جي سالميت ۽ خودمختاري جي حمايت جو ارادو ڪندي چيو ته حوثي حملا خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهن.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان حوثي حملن ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي پنهنجي دفاع جي جائز حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

 

تبصرے بند ہیں۔