وزيراعظم ۽ محمود خان اچڪزئي ۾ رابطو، اليڪشن ڪميشن ۾ نئين مقررين لاءِ آئيني طريقي تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي وچ ۾ رابطو ٿيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي خط جو جواب موڪلي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي نون ميمبرن جي مقرري بابت وزيراعظم جو خط مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ملي ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اليڪشن ڪميشن ۾ نون مقررين لاءِ آئيني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ذريعن موجب اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب به چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ خط لکيو هو. محمود خان اچڪزئي سان رانا ثناءُالله ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ملاقات ڪئي هئي، ملاقات دوران وزيراعظم پاران مخالف ڌر جي اڳواڻ جي خط جو جواب موڪلڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي. مخالف ڌر جو اڳواڻ محمود خان اچڪزئي هن وقت ڪوئيٽا ۾ موجود آهي، جيڪو ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهچندو.
ذريعن موجب اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ محمود خان اچڪزئي وزيراعظم جي خط تي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان مشاورت ڪندو. محمود خان اچڪزئي چيئرمين پي ٽي آءِ سميت ٻين اڳواڻن سان به مشاورت ڪندو. ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي وزيراعظم جي خط بابت سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس کي پڻ اعتماد ۾ وٺندو.
تبصرے بند ہیں۔