اسلام آباد: پاڪستان پوليو کان بچاءُ واري پروگرام فرنٽ لائن پوليو ورڪرز جي روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل اي او سي موجب روزاني معاوضي ۾ اضافي جو اعلان ايندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم کان ٿيندو.
گذريل ڪجهه مهينن جي دوران فرنٽ لائن پوليو ورڪرز سان لسٽنگ سيشن منعقد ڪئي وئي.لسٽنگ سيشن ۾ پوليو ورڪرز اعليٰ قيادت سان سڌو سنئون پنهنجا خيال، تجويزون ۽ مسئلا شيئر ڪيا. فرنٽ لائن پوليو ورڪرز سان لسٽنگ سيشن کان پوءِ روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو ويو.
وزيراعظم جي پوليو کان بچاءُ واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق جو چوڻ هو ته پوليو ورڪرز جي روزاني معاوضي ۾ اضافو انهن جي محنت، لگن ۽ خدمت جو اعتراف آهي. فرنٽ لائن پوليو ورڪرز ملڪ کي پوليو کان پاڪ بنائڻ جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ايندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم 21 کان 27 سيپٽمبر تائين سموري ملڪ جي 115 ضلعن ۾ منعقد ڪئي ويندي. ذيلي قومي پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.
وزيراعظم جي فوڪل پرسن جو چوڻ هو ته پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ والدين پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون کي يقيني بنائين. پنهنجي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي هر ٻار کي انهي مهم جي دوران پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين.
تبصرے بند ہیں۔