اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا ۽ عبداللطيف نااهل قرار

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن مالي سال 25-2024 جي اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا ۽ عبداللطيف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ جو لکت ۾ حڪمنامو به جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب مالي سال 25-2024 جي اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا ۽ عبداللطيف کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته گوشوارن جا تفصيل جمع ڪرائڻ تائين اهي اڳوڻا قومي اسيمبلي ميمبر نااهل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ٽئي ميمبر عام چونڊن، ضمني چونڊن، سينيٽ ۽ مقامي حڪومت جون چونڊون وڙهڻ جي لاءِ به نااهل آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔