سعودي عرب تي حوثين جو وڏو حملو، 73 ڄڻا زخمي، عورتون ۽ ٻار به شامل

رياض:  يمن جي حوثي گروپ انصارالله طرفان سعودي عرب جي مختلف شهرن تي ڪيل حملن ۾ 73 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

سعودي اتحادي فورس موجب حوثين  ابها، خميس مشيط، تجران ۽ جازان سميت مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا جن ۾ شهري ۽ اقتصادي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو. سعودي اتحادي فورس حوثين جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انهي جو سخت جواب ڏنو ويندو.

ٻئي طرف عرب ميڊيا موجب يمن جي البيضا ۽ الجوف صوبن ۾ حڪومتي فورسز ۽ حوثين جي وچ ۾ جهيڙي ۾ به شدت اچي وئي آهي. يمني فورسز حوثين جي خلاف وڌيڪ ڪارروائين جو اعلان ڪندي صنعا ٻيهر حاصل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. يمني نائب دفاع واري وزير ميجر جنرل سميرالصيري موجب حوثين جي خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي. سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ سان خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ ڏکئي ٿيڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔