ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران باهه جو ٽيون وڏو واقعو، صدر ڪريم سينٽر ۾ به باهه لڳي وئي

ڪراچي:  ڪراچي شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران باهه جو ٽيون وڏو واقعو سامهون آيو آهي جتي صدر ڪريم سينٽر ۾ به باهه لڳي وئي.

فائر بريگيڊ اختيارين موجب صدر ڪريم سينٽر ۾ باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ 2  فائر ٽرينڊر روانيون ڪيون ويون آهن. انهي کان اڳ اڄ صبح ايم اي جناح روڊ تي واقع ڪي ايم سي جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي جنهن سبب ميئر ڪراچي جي آفيس مڪمل طور تي سڙي وئي.

فائر بريگيڊ اختيارين موجب باهه ميئر ڪراچي جي آفيس جي پاسي ۾ ڪچن ۾ لڳي هئي، باهه جي دوران ڪنهن به قسم جو ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لانڍي پروسيسنگ زون ۾ واقع ڪپڙي جي فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه جي دوران سامان سڙي خاڪ ٿي ويو هو. ريسڪيو اختيارين باهه سبب متاثر عمارت کي زبون حال قرار ڏئي ڇڏيو سنڌ حڪومت طرفان انهي حوالي سان ڪنهن به قسم  جا قدم نظر نه اچي رهيا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔