سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجه آصف پمز ۾ سامهون ايندڙ معاملن کي صحت جي شعبي لاءِ خطري جي گهنٽي قرار ڏيندي چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ ڪرپشن جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ موجود آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ۽ انهن جي خاندانن لاءِ طبي سهولتن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته پمز ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو انهي تي وزيراعظم به نوٽيس ورتو آهي، اميد آهي ته انهي معاملا جا ڪجهه نتيجا سامهون ايندا پر صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وفاقي وزير چيو ته جنهن شعبي جو نصب العين انساني حياتيون بچائڻ گهرجي اتي ڪجهه عناصر پنهنجا کيسا ڀرڻ ڪرپشن کي مقصد بنائي ورتو آهي جيڪو حڪومتن، عوام ۽ لاڳاپيل ادارن جي لاءِ لمحه فڪر بڻيل آهي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڪرپشن جو هڪ نيڪسس اڄ به قائم آهي ۽ انهي کي ٽوڙڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پنجاب جو حوالو ڏيندي هن چيو ته گذريل ٻن کان اڍائي سالن جي دوران صوبائي حڪومت صحت جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان ڪيترن ئي شعبن ۾ بهتري آئي آهي پر ملڪ جي ٻين حصن ۾ به اصلاحات جي ضرورت آهي.
خواجه آصف چيو ته هن وقت هڪ اسپتال ۾ بيٺل آهيان انهي لاءِ صحت جي شعبي جي مسئلن تي ڳالهائي رهيو آهيان پر پمز جو معاملو صرف هڪ اداري تائين محدود نه آهي پر اهو حڪومتن، عوام ۽ انهن سمورن ماڻهن جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي جن وٽ اختيار ۽ ذميواريون آهن.
هن صحت جي ادارن جي نگراني واري نظام تي به سوال اٿاريندي چيو ته ڪجهه جڳهه ريگوليٽري ادارن ۾ اهڙا ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن جيڪي پاڻ ميڊيڪل ڪاليجز يا اسپتالن جا مالڪ هئا. هن چيو ته جيڪڏهن نگراني ڪندڙ ئي لاڳاپيل ڪاروبار جي مفادن سان جڙيل هجن ته بهتر نگراني ڪيئن ممڪن ٿيندي.
خواجه آصف چيو ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي جيڪو سموري ملڪ ۾ پکڙجي چڪو آهي، حڪومتن جو فرض آهي ته انهي جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن پنجاب ۾ منظم انداز ۾ ڪرپشن جي خلاف قدمن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته پهريان ڄاڻ ۽ انگ اکر جمع ڪيا وڃن پوءِ ذميوار ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
تبصرے بند ہیں۔