لنڊن ۾ بلاول جي صدر آصف زرداري سان ملاقات، سنڌ جي ورهاست تي پيپلز پارٽي جي موقف تي ڄميل رهڻ جو فيصلو

لنڊن: لنڊن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پنهنجي والد، آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ سنڌ جي ورهاست تي پيپلز پارٽي جي موقف تي ڄميل رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ملاقات لنڊن ۾ آصف زرداري جي رهائشگاهه تي ٿي جنهن ۾ بختاور ڀٽو زرداري به شريڪ هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات 5 ڪلاڪن تائين جاري رهي، بلاول ڀٽو جي صدر آصف زرداري سان پاڪستان جي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون.

ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ جي ورهاست تي پيپلز پارٽي جي موقف تي ڄميل رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ملاقات ۾ فريال ٽالپر جي تقرير به بحث هيٺ آئي. ملاقات کان پوءِ بلاول ۽  بختاور ڀٽو زرداري  پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن روانا ٿي ويا.  انهي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪندس.

تبصرے بند ہیں۔