اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي ۾ ناڪاري رجحان رهيو

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپڊيٽ سامهون آئي آهي، ڪاروباري هفتي دوران ڪاروبار ۾ منفي رجحان رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي 100 انڊيڪس هن هفتي 2367 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 175328 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3623 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو ۽ 100 انڊيڪس جو هفتيوار بلند ترين 178138 هو جڏهن ته گهٽ ترين 174515 هو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾، هن هفتي ۾ 3.8 ارب شيئرز جو واپار 166 ارب رپين ۾ ٿيو.هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري 256 ارب رپين جي گهٽتائي سان 19629 ارب رپين تائين پهچي وئي.

تبصرے بند ہیں۔