کٽمنڊو: نيپال ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 469 تائين پهچي ويو جڏهن ته سوين ماڻهو اڃان تائين گم آهن.
امدادي اداري ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ خبردار ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي. ادارن جو چوڻ آهي ته روڊن ۽ پلن جي تباهي سبب ڪجهه علائقن تائين صرف هيليڪاپٽر ذريعي پهچي سگهجي ٿو.
انتهائي خراب صورتحال جي باوجود نيپالي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته امدادي ڪارروائين جي لاءِ في الحال ڪنهن به ملڪ جي مدد جي ضرورت نه آهي. مدد جي آڇ فطري آهي. نيپال جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب نيپال جون سيڪيورٽي ايجنسيون سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ڪري رهيون آهن.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب جهيل اوور فلو ٿيڻ سبب نيپال ۽ تبت جي سرحدي علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. بهوٽي ڪوشي درياءَ جو رستو ملبي سبب بند ٿيڻ تي جهيل اوور فلو ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
ضلعي اختيارين موجب بهوٽي ڪوشي درياءَ جو رستو ملبي سبب بند ٿيڻ تي ٺهيل جهيل جا ڪنارا ٽٽي ويا، امدادي آپريشن ايندڙ ڏيڍ ڪلاڪ جي لاءِ روڪيو ويو آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گليشيئر جو وڏو حصو ڪرڻ سبب برف، پهاڙن، ڪيچڙ، ملبي جو وڏو ريلو همالياني دريائن ۾ پکڙجي ويو، نيپال ۾ مٽي، جبلن ۽ پاڻي جي وڏي مقدار سبب وڌيڪ تباهي جو خطرو آهي.
تبصرے بند ہیں۔