ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو رد: 15 ڏينهن ۾ قيمتون مقرر ڪرڻ جو نظام لاڳو ڪيو وڃي: پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز

لاهور:  آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي صدر محمد اويس چوڌري ايڊووڪيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافي کي رد ڪندي حڪومت کان ڊيزل جي قيمت وڌائڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ڇو ته انهي جو سڌو سنئون بار ٽرانسپورٽرز ۽ عام عوام تي پئجي رهيو آهي.

هن چيو ته حڪومت هڪ ليٽر ڊيزل تي 100 روپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڊيوٽي وصول ڪري رهي آهي. انهي جي باوجود قيمت ۾ مسلسل اضافو سمجهه کان مٿانهون آهي. ڊيزل تي لڳايل ڳرا ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز تي فوري نظرثاني جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرانسپورٽرز ۽ عوام کي رليف ملي سگهي.

محمد اويس چوڌري چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو صرف ٽرانسپورٽ جو مسئلو نه آهي، ڊيزل مهانگو ٿيڻ سان مال برداري، فريٽ ريٽس، صنعت،  واپار ۽ آخر ۾ عام ماڻهو به متاثر ٿيندو آهي. هر ٻئي ڏينهن قيمت تبديل ٿيڻ سان ڪاروباري طبقو به غير يقيني واري صورتحال کي منهن ڏئي ٿو.

هن چيو ته گڊز ٽرانسپورٽرز سان ڪيل لکت واري معاهدي موجب پيٽروليم شين جي قيمتن جو جائزو هر 15 ڏينهن بعد وٺڻ گهرجي. حڪومت روزاني قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي بجاءِ 15 ڏينهن ۾ قيمتن جو باقاعده  نظام لاڳو ڪري.

محمد اويس چوڌري چيو ته حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته ڊيزل جي قيمت ۾ استحڪام مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي موثر پاليسي آهي. معيشت جو ڦيٿو هلائيندڙ ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي وڌيڪ بار هيٺيان دٻائڻ جي بجاءِ حڪومت ٽرانسپورٽرز ۽ عوام کي رليف ڏئي.

 

تبصرے بند ہیں۔