راولپنڊي: جنگبندي ۽ آبنائي هرمز کولڻ واري معاملي تي چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گهرو وزير محسن نقوي سان گڏ اسلامي جمهوريه ايران جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل جو گهرو وزير سان گڏ ڪيل اهو دورو آمريڪا، ايران تڪرار جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو حصو هو. پڌرائي موجب دوري جو مقصد رنڊڪون ختم ڪرڻ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام جو رستو سڌو ڪرڻ آهي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان، سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل ۾ سپريم ليڊر جي نمائندي محسن رضائي، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقاتون ڪيون.
ملاقاتن ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ، آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ ۽ تڪرار جي فوري خاتمي جي قدمن تي گڏيل خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻنهي طرفان علاقائي امن ۽ تڪرارن جي ڳالهين ذريعي حل جي رستن تي به غور ڪيو ويو.
ايراني قيادت ڳالهيون، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تڪرار جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ مخلصانه ڪوششن جي تعريف ڪئي. ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني ۽ ٻين اعليٰ سول، عسڪري اختيارين استقبال ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔