بيونس آئرس : ايٿوپيا جي ايٿليٽ يوميف ڪيجيلچا هاف ميراٿن جو عالمي رڪارڊ ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.بيونس آئرس ۾ هاف ميراٿن ريس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايٿوپيا جي يوميف ڪيجيلچا رڪارڊ وقت 56 منٽ ۽ 51 سيڪنڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.29 ورھين جي ايٿليٽ ان کان اڳ 2024ع ۾ ويلنسيا ۾ هاف ميراٿن 57 منٽ ۽ 30 سيڪنڊن جي رڪارڊ وقت سان کٽي نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو، جنهن کي يوگينڊا جي جيڪب ڪپليمو لزبن ۾ ٽوڙيو هو.هاڻي يوميف اهو عالمي رڪارڊ ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.عورتن جي مقابلي ۾ اها ريس ايٿوپيا جي فوٽين ٽيسفي پنهنجي نالي ڪئي، جنهن مقرر فاصلو 1 ڪلاڪ 3 منٽن ۽ 57 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔