ڊولپرز لاءِ چيٽ جي پي ٽي جو قيمتون 20 سيڪڙو گهٽائڻ جو اعلان

ڪراچي: اوپن اي آءِ اعلان ڪيو ته هو ڊولپرز لاءِ پنهنجي جديد جي پي ٽِي-5.6 سول ماڊل جون قيمتون ايندڙ ٽن مهينن لاءِ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽائي رهي آهي.
اهو قدم اهڙي وقت کنيو ويو آهي، جڏهن چيٽ جي پي ٽي ٺاهيندڙ ڪمپني کي اينٿروپڪ ۽ چين جي مصنوعي ذهانت ماڊلز کان وڌندڙ مقابلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
اوپن اي آءِ موجب قيمتن ۾ اها گهٽتائي ان جي ايپليڪيشن پروگرامنگ انٽرفيس (API) تي لاڳو ٿيندي ۽ ان جي Agentic AI پراڊڪٽ ChatGPT Work لاءِ ڪريڊٽس ۽ ان جي ڪوڊنگ ٽول Codex جي اهل منصوبن تي مرحليوار لاڳو ڪئي ويندي.
ڪمپني چيو ته Pro، Plus ۽ Business سبسڪرپشنز جون قيمتون ساڳيون رهنديون.
اوپن اي آءِ جي قيمتن واري جدول موجب، معياري مختصر-ڪانٽيڪسٽ استعمال لاءِ GPT-5.6 Sol جي نئين قيمت هاڻي هر 10 لک ان پٽ ٽوڪنز لاءِ 4 ڊالر ۽ هر 10 لک آئوٽ پٽ ٽوڪنز لاءِ 20 ڊالر هوندي. اڳ ۾ اهي قيمتون بالترتيب 5 ڊالر ۽ 30 ڊالر هيون.
اوپن اي آءِ گذريل مهيني جي آخر ۾ پنهنجي ننڍن ماڊلز جون قيمتون پڻ وڏي حد تائين گهٽايون هيون. ڪمپني وچولي درجي جي GPT-5.6 ٽيرا ماڊل جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو ۽ گهٽ قيمت واري Luna ماڊل جي قيمت ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي هئي.
ٻئي طرف اينٿروپڪ پنهنجي جديد Claude Fable 5 ماڊل جي قيمت هر 10 لک ان پٽ ٽوڪنز لاءِ 10 ڊالر ۽ هر 10 لک آئوٽ پٽ ٽوڪنز لاءِ 50 ڊالر مقرر ڪئي آهي.
جڏهن ته ان جي Claude Opus 5 ماڊل جي قيمت هر 10 لک ان پٽ ٽوڪنز لاءِ 5 ڊالر ۽ هر 10 لک آئوٽ پٽ ٽوڪنز لاءِ 25 ڊالر مقرر ٿيل آهي.

تبصرے بند ہیں۔