اڄ کان ايران جي خلاف وڏي پيماني تي اقتصادي ڪارروايون شروع ڪري رهيا آهيون: آمريڪي ناڻي وارو وزير

واشنگٽن:آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا اڄ کان ايران جي خلاف وڏي پيماني تي اقتصادي ڪارروائي شروع ڪري  رهيو آهي.

آمريڪي ناڻي واري وزير موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ايران جي فوجي صلاحيتن کي سخت نقصان پهتو آهي. جڏهن ته ايران جون تقريبن 100 سيڪڙو فوجي فيڪٽريون به تباهه ڪيون ويون آهن.

اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته اڄ کان ايران جي خلاف(اقتصادي ڊي ڊي)  شروع ٿي رهيو آهي، جنهن کي هو ڪنهن به مخالف ملڪ جي خلاف آمريڪا جي هينئر تائين سڀني کان وڏي مالي ڪارروائي قرار ڏئي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ايران جو ايٽمي پروگرام دفن ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ آمريڪا  فيصله ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. آمريڪي ناڻي واري وزير جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته واشنگٽن ايران تي فوجي دٻاءُ کان پوءِ اقتصادي ۽ مالي محاذ تي به وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔