ڪيس ختم ڪريو، ٽڪ ٽاڪ آمريڪا کي 40 ڪروڙ ڏيڻ لاءِ تيار

واشنگٽن: ٽڪ ٽاڪ آمريڪا کي 400 ملين ڊالر ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ته جيئن ان خلاف هلندڙ اهو ڪيس ختم ٿي سگهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته سندس پليٽ فارم ٻارن جي رازداري جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. اهو معاهدو ٻارن جي رازداري بابت تاريخ جي سڀ کان وڏين عدالتي ٺاهن مان هڪ آهي.
هي معاملو 2024ع ۾ اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي دور ۾ آمريڪي انصاف واري وزارت پاران داخل ڪيل ڪيس مان پيدا ٿيو. ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو هو ته ٽڪ ٽاڪ ۽ ان جي والدين ڪمپني بائيٽ ڊانس (ByteDance)، 13 سالن کان گهٽ عمر جي لکين صارفن بابت ”تمام وڏي مقدار ۾ ڊيٽا“ گڏ ڪئي.
اهو عمل ٻارن جي آن لائن رازداري جي تحفظ واري قانون (COPPA) جي خلاف ورزي هو. هي وفاقي قانون 2000ع ۾ نافذ ڪيو ويو هو. اهو ساڳيو قانون آهي، جنهن تحت آمريڪا جون ڪيتريون ئي رياستون هاڻي ميٽا خلاف به ڪيس ڪري رهيون آهن.
اسسٽنٽ اٽارني جنرل بريٽ شوميٽ چيو، ”اڄ ٻار ۽ والدين ان وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهن، جڏهن هي ڪيس شروع ٿيو هو.“
ٻيون ڪمپنيون به COPPA جي ڀڃڪڙي تي آمريڪي حڪومت کي ڏنڊ ادا ڪري چڪيون آهن. انهن ۾ گوگل جي يوٽيوب شامل آهي، جنهن 2019ع ۾ 170 ملين ڊالر ادا ڪيا هئا، جڏهن ته ايپڪ گيمز 2022ع ۾ 275 ملين ڊالر ادا ڪيا.
ميٽا کي به هاڻي COPPA جي مبينا ڀڃڪڙين جي سلسلي ۾ اهڙن ڏنڊن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪي سَينڪن اربين ڊالرن کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. آمريڪا جي 29 رياستن جي اٽارني جنرلز ميٽا خلاف اهي الزام لڳايا آهن. ڪيس جي جيوري ٽرائل هن هفتي شروع ٿي، جنهن ۾ انسٽاگرام ۽ فيس بڪ جي مالڪ ڪمپني تي الزام آهي ته هن ٻارن کي نشانو بڻايو ۽ انهن مان مالي فائدو حاصل ڪيو.
ٽڪ ٽاڪ خلاف ڪيس گذريل سال ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي ڪاروبار ۽ آپريشنز کي چين ۾ موجود ان جي اصل بنياد کان الڳ ڪرڻ واري عمل کان اڳ جو آهي. تنهن هوندي به، موجوده ٺاهه ۾ رڳو ٽڪ ٽاڪ جي چين ۾ ٿيندڙ آپريشنز شامل آهن.
بائيٽ ڊانس هڪ خانگي ملڪيت واري ڪمپني آهي، جنهن جي تازي طور سيڙپڪارن طرفان ماليت 550 ارب ڊالر مقرر ڪئي وئي هئي.

تبصرے بند ہیں۔