بنگلاديش به پاڪستان، ترڪيه ۽ سعوديه جي دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: بنگلاديش به پاڪستان، ترڪيه ۽ سعوديه جي گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

بنگلاديشي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب بنگلاديشي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار همايون ڪبير انٽرويو ڏيندي چيو ته بنگلاديش، سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه جي اقتصادي يا دفاعي فريم ورڪ ۾ شموليت جي امڪان تي مثبت رويو رکڻ آهي.

همايون ڪبير جو چوڻ هو ته انهي معاملي ۾ بنگلاديش قومي مفادن، عالمي معيشت ۽ واپار ۾ تبديل ٿيل صورتحال کي آڏو رکندو، پاڪستان سان معمول جي سفارتي سرگرمين تحت ٻطرفه عملي لاڳاپا مضبوط بنائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان واپار ۽ ٻنهي ملڪن جا عوامي رابطا وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد جي دعوت تي وزيراعظم طارق رحمان جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو.

 

تبصرے بند ہیں۔