بلوچستان جي تقدير صرف اتان جي عوام جي هٿن ۾ آهي:عاصم منير

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندو، بلوچستان جي تقدير صرف اتان جي عوام جي هٿن ۾ آهي.آرمي چيف سيد عاصم منير سان بلوچستان جي اهم شخصيتن ۽ سياسي قيادت ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ صلاحيتن ۽ موقعن جي ڪا به ڪمي ناهي، نوجوان معاشري جو سڀ کان متحرڪ ۽ اميد افزا طبقو آهن.آرمي چيف چيو ته رياست جي غير متزلزل، پرعزم ۽ فيصلي ڪن ردعمل سان ناپاڪ عزائمن کي ناڪام بڻايو ويندو، دشمن جي پروپئگنڊا جو جامع ۽ بلاجھجھڪ مقابلو ڪري ڪوڙن بيانين کي بي نقاب ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۽ ان جي عوام جي حقيقي صلاحيت، ترقي ۽ امنگن کي اجاگر ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته امن ۽ استحڪام سان بلوچستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا برسرِڪار آڻي سگهجن ٿا، فتنه خوارج ۽ فتنه هندوستان بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ غير ملڪي سرپرستي يافته پراڪسيز آهن، جيڪي بلوچستان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ رياست و عوام وچ ۾ وڇوٽيون پئدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن.

تبصرے بند ہیں۔