پاڪستان پاران آمريڪا کان 10 ارب ڊالر گھُرڻ جي تصديق

اسلام آباد : ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي مالياتي سهولت گھُرڻ جي تصديق ڪندي سپٽمبر تائين ان درخواست تي اڳڀرائيءَ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آمريڪا کان ”ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن فيسليٽي“ تحت اها مالياتي سهولت گھُري وئي آهي ۽ درخواست آمريڪي ناڻي واري وزارت وٽ موجود آهي.ناڻي واري وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي قرضن جي مدت وڌائڻ لاءِ به مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي. حڪومت ان قرض جي مدت کي 10 سالن تائين وٺي وڃڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ آمريڪي بينڪن، سي ڊي ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان به ڳالهيون جاري آهن.

تبصرے بند ہیں۔