رياض: پرتگال جي عالمي شهرت يافته اسٽار فٽبالر ڪرستيانو رونالڊو پنهنجي شاندار 25 سالن جي پيشه ورانه ڪئريئر کي خيرباد چوڻ جو سنئين سڌي طرح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. 41 ورھين جي اسٽار جارجينيا روڊريگز سان پنهنجي شاديءَ کانپوءِ هڪ فئشن مئگزين (ووگ) کي ڏنل خاص انٽرويو دوران چيو ته 2026-27ء وارو سيزن پيشه ورانه فٽبال ۾ ممڪن طور تي سندس آخري سيزن هوندو. “اهو شايد فٽبال ۾ منهنجو آخري سال هوندو ۽ مان هڪ شاندار ۽ تاريخي ورثو ڇڏي وڃڻ چاهيان ٿو. مون پنهنجي مستقبل جا حتمي پلان جوڙي ورتا آهن. فٽبال مان ريٽائرمينٽ بعد زندگيءَ ۾ هڪ وڏو خلا پيدا ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ وقت کي مختلف سرگرمين مان ڀرڻو پوندو. مان وڌيڪ سفر ڪرڻ، پيڊل (Padel) راند کيڏڻ ۽ پنهنجي حاصل ڪيل ڪاميابين مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ ته هي 25 سال تمام وڏين قربانين سان بھرپور رهيا آهن.”
تبصرے بند ہیں۔