اسلام آباد: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب وفاقي حڪومت جي شروعاتي 28 مهينن دوران ملڪي ۽ پرڏيهي قرضن ۾ 18 هزار 832 ارب رپين جو نوان رڪارڊ واڌارو ٿيو آهي، جيڪو روزاني اوسطاً 22 ارب 40 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بڻجي ٿو. دستاويزن مطابق نگران حڪومت جي پڇاڙيءَ (فيبروري 2024ع) تائين جتي ڪل قرض 64 هزار 810 ارب رپيا هو، اهو جون 2026ع تائين وڌي 83 هزار 642 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. مقامي قرض وڌي 59 هزار 441 ارب ۽ پرڏيهي قرض 24 هزار 201 ارب رپيا ٿي ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔