واشنگٽن: آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته مئي مهيني جي دوران ايران سان جنگ جي خاتمي لاءِ جاري ڳالهين جي دوران آمريڪي اختيارين کي انهي ڳالهه تي شڪ پيدا ٿي ويا هئا ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ واقعي طاقتور ايراني فورس، پاسداران انقلاب جي نمائندگي ڪري رهيا آهن يا نه؟
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ موجب اهڙي غير يقيني واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ انتظاميه هڪ غير روايتي قدم کڻندي سڌو سنئون ايراني پاسداران انقلاب جي قيادت تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽ موجب انهي ڳجهي رابطي جي لاءِ عراقي ڪردستان جي صدر نيچيروان بارزائي جي چونڊ ڪئي وئي وئي جيڪو آمريڪي ۽ ايراني ٻنهي حلقن ۾ ڀروسي جوڳي اهميت رکندو آهي، اها اڳڀرائي انهي کان اڳ رپورٽ نه ڪئي وئي هئي. پسمنظر جي طور تي ٻڌايو ويو آهي ته جنگ جي دوران ايران جي قيادت ۾ وڏيون تبديليون رونما ٿيون جن ۾ سپريم ليڊر علي خامنائي سميت ڪيترن ئي اعليٰ اڳواڻن جي شهادت شامل هئي.
انهي کان پوءِ 40 ڏينهن جي جنگ پاسداران انقلاب جي اثر رسوخ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. 9 اپريل جي جنگبندي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل سربراهي ملاقات کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون، مئي جي شروعات تائين وائٽ هائوس کي اميد هئي ته معاهدو ويجهو آهي پر ايران طرفان 10 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير شڪ کي جنم ڏنو.
آمريڪي اختيارين کي خدشو ٿيو ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ جن ۾ پارليامينٽ اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي شامل هئا اصل اختيار نٿا رکن ۽ پاسداران انقلاب انهن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي، انهي حوالي سان 10 مئي تي آمريڪي ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس تلسي گيبارڊ نيچيروان بارزائي سان رابطو ڪيو اهو رابطو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس جي منظوري سان ڪيو ويو.
گيبارڊ طرفان بارزائي کان درخواست ڪئي وئي ته اهو پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر جنرل احمد وحيدي تائين پهچ ۾ مدد فراهم ڪري ته جيئن اهو واضح ٿي سگهي ته اهي ايراني ڳالهين جي پوزيشن جي حمايت ڪن ٿا يا نه، بارزائي، جيڪو ايران ۾ تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ فارسي زبان تي مهارت رکي ٿو. ايراني قيادت سان ويجها لاڳاپا پڻ رکندو آهي.
بارزائي انهي درخواست کي قبول ڪندي ايراني پاسداران انقلاب جي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ سڌو سنئون جنرل وحيدي سان ڳالهيون ڪرڻ تي زور ڏنو، 14 مئي تي اربيل ۾ بارزاني جي آفيس ۾ هڪ ايراني اهلڪار ڳجهو فون کڻي پهتو جنهن جي ذريعي محفوظ ڪال ممڪن بنائي وئي، انهي ڳالهين ۾ جنرل وحيدي چيو ته هو ايراني ڳالهيون ڪندڙن جي مڪمل حمايت ڪن ٿا ۽ بحران جو حل ڳالهين جي ذريعي چاهين ٿا.
انهي کان پوءِ بارزائي فوري طور تي تلسي گيبارڊ کي انهن ڳالهين کان آگاهه ڪيو جنهن وائٽ هائوس کي بريفنگ ڏني، انهي اڳڀرائي کان پوءِ آمريڪا هڪ نئين تجويز پيش ڪئي جنهن جي تحت اربيل ۾ ڳجهي ڳالهين جي ميزباني جي آڇ ڪئي وئي پر ايراني ڌر سيڪيورٽي خدشن سبب انهي تي خدشن جو اظهار ڪيو.
ايراني اختيارين کي خدشو هو ته اسرائيلي انٽيليجنس ڪردستان ۾ سرگرم آهي ۽ امڪاني طور تي انهن کي نشانو به بنائي سگهجي ٿو جنهن سبب اها ملاقات نه ٿي سگهي، موجوده صورتحال جي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي هن وقت به آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ ڪري رهي آهي پر ڪابه اهم اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.
ڪجهه علاقائي ذريعن موجب پاڪستاني ٽياڪڙن جون رپورٽون حقيقت کان وڌيڪ پراميد ٿي سگهن ٿيون، جنهن جو مقصد تعطل کي ٽوڙڻ جي لاءِ ماحول ٺاهڻ آهي ٻئي طرف نيچيروان بارزائي هلندڙ ڏينهن ۾ ٻيهر وائٽ هائوس کي پيغام اماڻيا آهن ۽ ڳالهين جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي پر بريٽ ميڪ گرڪ موجب اصل مسئلو ٽياڪڙي نه پر آبنائي هرمز بابت ايران جي پاليسي آهي جنهن ۾ فوري تبديلي جو امڪان گهٽ آهي.
تبصرے بند ہیں۔