پاڪ ترڪ پرڏيهي وزيرن سفارتڪاري ۽ ڳالهين کي امن جو واحد رستو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:  نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان خطي جي موجوده چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين کي واحد رستو قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار ۽ باڪان فيدان جي وچ ۾ گذريل رات دير سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خيالن جو اظهار ڪيو.

پاڪ ترڪ پرڏيهي وزيرن انهي ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته موجوده چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهيون ئي واحد بهترين رستو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔