لاهور: لاهور جي سبزه زار پوليس اسٽيج اداڪاره عروج جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيج اداڪاره طرفان الزام لڳايو ويو آهي ته ناصر خان پهريان مون سان دوستي ڪئي بعد ۾ اسٽيج ڊرامه ٺاهڻ ۽ ڪم جو لالچ ڏنو جنهن کان پوءِ هن منهنجي گهر اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو.
عورت الزام لڳايو ته جوابدار تعلق جو فائدو کڻندي مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو جتي هن مون کي نشي آور جوس پياري مون سان زيادتي ڪئي، جوابدار ناصر زيادتي کان پوءِ منهنجي اگهاڙي وڊيو به ٺاهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب هاڻ جوابدار بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ۽ وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي پيو. پوليس موجب سبزه زار ٿاڻي جي پوليس اداڪاره عروج جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.
ياد رهي ته 2024 ۾ ناصر نالي شخص ڏينهن ڏٺي جو اداڪاره عروج خان جي گهر تي فائرنگ ڪئي هئي پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته ناصر خان نالي شخص هٿيارن جي زور تي اداڪاره سان لاڳاپا رکڻ جو خواهشمند هو هو ڪجهه ڏينهن کان هٿيارن جي زور تي اداڪاره کي ڌمڪيون ڏئي رهيو هو.
تبصرے بند ہیں۔