نادرا پاڪستان ۾ تيار ڪيل ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: نيشنل ڊيٽا بيس رجسٽريشن اٿارٽي(نادرا) پاڪستان ۾ تيار ڪيل ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

نادرا جي پڌرائي موجب نئون قومي سڃاڻپ ڪارڊ پولي ڪاربونيٽ مٽيريل تي پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويو آهي، نئين سڃاڻپ ڪارڊ ۾ درآمدي مائيڪرو چپ جي جڳهه محفوظ ڪيو آر ڪوڊ شامل ڪيو ويو آهي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق عام اسمارٽ فون سان به ممڪن ٿيندي. پاڪ آئي ڊي موبائيل ايپ سان نئين سڃاڻپ ڪارڊ جو ڪيو آر ڪوڊ پڙهي تصديق ڪري سگهبي.

پڌرائي موجب نئين سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪيو آر ڪوڊ ۾ ڪارڊ هولڊر جي لاڳاپيل سڃاڻپ ڄاڻ، تصوير هوندي، ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي نالو، پتو، ٻئي ڄاڻ جي ڊيٽا ۾ غلطين ۾ گهٽتائي ايندي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيليڪام ڪمپنيون، بينڪن، اسپتالن، ريلوي، پوليس، ٻين مجاز ادارن کي ڪيو آر ڪوڊ تصديق جو سافٽ ويئر فراهم ڪيو ويندو. پڌرائي موجب نئين سڃاڻپ ڪارڊ تي خاندان نمبر، معذور ماڻهو، بزرگ شهرين، عضوا عطيو ڪرڻ وارن جا مخصوص نشان هوندا.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ تي آزاد جمون، ڪشمير جي شهرين جا مخصوص نشان به هوندا. نئين سڃاڻپ ڪارڊ تي نالو ۽ پتو اردو ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ لکيل هوندو. ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون ڪارڊ 14 آگسٽ کان موجوده سڃاڻپ ڪارڊ جي جڳهه مرحليوار جاري ڪيو پيو وڃي.

پڌرائي موجب جنوري 2027 کان ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون ڪارڊ نائيڪوپ ۽ جووينائل ڪارڊ سميت سمورن قسمن جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ جاري ٿيندو. آخري مرحلي ۾ پاڪستان اوريجن ڪارڊ به چپ کان سواءِ ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئين ڪارڊ ۾ منتقل ٿيندو. نادرا جو چوڻ آهي ته پهريان کان جاري سمورا سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي مقرر تاريخ جي مدي تائين لاڳيتو ڪارآمد رهندا.

 

تبصرے بند ہیں۔