بولان ۾ 18 انچ قطر واري گيس پائپ لائين تباهه، سپلائي معطل

ڪراچي : بلوچستان جي ضلعي بولان ۾ 18 انچ قطر واري مک گيس پائپ لائين تباهه ٿيڻ سبب مختلف ضلعن کي گيس فراهمي سخت متاثر ٿي وئي آهي.سوئي سدرن گيس ڪمپني (SSGC) موجب پائپ لائين تباهه ٿيڻ بعد مستونگ، پشين، قلات ۽ مچ جي علائقن کي سوئي گيس جي فراهمي مڪمل معطل ٿي وئي آهي.ان کان علاوه ڪوئٽه جي به ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جو پريشر نهائيت گھٽجي ويو آهي، جنهن سبب گهريلو عورتن کي کاڌو ٺاهڻ ۾ سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔