پاسدارانِ انقلاب کي دشمن جي سرزمين اندر حملن جي صلاحيت حاصل ڪرڻ جو حڪم

تهران: نئين فوجي ڊاڪٽرائين تحت ايران جي پاسدارانِ انقلاب (آءِ آر جي سي) کي دشمن جي پنهنجي ئي سرزمين اندر گھڙي جارحاڻا عملياتي حملن جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جو باقاعده حڪم جاري ڪيو ويو آهي.پاسدارانِ انقلاب جي سينيئر مشير برگيڊيئر جنرل رضا نقدي پنهنجي انٽرويو دوران انکشاف ڪندي ٻڌايو ته عسڪري قيادت پاران پاسدارانِ انقلاب کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي جنگي صلاحيتن کي ان حد تائين وڌائين جو سرحدي دفاع سان گڏ جارحاڻا آپريشن سڌو دشمن جي سرزمين تي انجام ڏئي سگهجن.برگيڊيئر جنرل رضا نقدي چيو ته آمريڪا جو ملٽري بجيٽ ايران جي دفاعي بجيٽ کان 100 ڀيرا وڌيڪ آهي، پر ان باوجود دشمن جا سڀئي 14 جبلتي مقصد بري طرح ناڪام بڻايا ويا آهن. هن چيو ته نئين ڊاڪٽرائين جو مک مقصد جنگ کي دشمن جي گهر تائين وٺي وڃڻ آهي تاڪه وقت اچڻ تي ان تي عملدرآمد ڪري سگهجي.

ايران خلاف جارحيت جي حمايت سبب يورپي ملڪ اخلاقي حيثيت وڃائي چڪا آهن: عباس عراقچي
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي يورپي ملڪن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايران خلاف جارحاڻي اقدامات ۽ اسرائيلي نيت جي حمايت ڪرڻ بعد يورپي ملڪ پنهنجي اخلاقي حيثيت مڪمل طور وڃائي چڪا آهن.پنهنجي هڪ تيز بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته اسرائيل پاران غزه اندر جاري باقاعده نسل ڪشيءَ تي يورپ جي خاموشي ۽ حمايت انهن جي منافقت کي جڳ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته فرانس جهڙن ملڪن کي انساني حقن جي پاسداريءَ تي دنيا کي وعظ ۽ درس ڏيڻ هاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته يورپي ملڪن جو هي ٻٽو معيار ۽ منافقت ناياب، واضح ۽ انتهائي شرمناڪ آهي.

تبصرے بند ہیں۔