مير رضا قتل ڪيس: جاچ ٽيم اين سي سي آءِ اي کي 4 خط لکي ڇڏيا

ڪراچي:مير رضا قتل ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ جاچ ٽيم اين سي سي آءِ اي کي 4 مختلف خط لکي ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مير رضا جي اسمارٽ واچ جي فارنزڪ ڪئي وڃي ۽ مقتول جي ڊيجيٽل اڪائونٽس جا به تفصيل ڏنا وڃن. خط ۾ مقتول جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين جاچ ٽيم جو ٻيون اجلاس فيروز آباد ٿاڻي ۾ ٿيندو جنهن کان پوءِ ٽيم واقعي واري هنڌ جو ٻيهر دورو ڪندي.

مير رضا جي گهر ڀاتين جي وڪيل جبران ناصر نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان مير رضا جي اسمارٽ واچ ڪميٽي جي اڳوڻي سربراهه وٽ هئي، اسمارٽ واچ گذريل ڏينهن اين سي سي آءِ اي جي حوالي ڪئي وئي. اسمارٽ واچ جي فارنزڪ اين سي سي آءِ اي کان نٿا ڪرائڻ چاهيون. واچ جي فارنزڪ لاهور فارنزڪ ليب کان ڪرائي وڃي. جبران ناصر چيو ته اسمارٽ واچ ڪميٽي جي سربراهه وٽ هجڻ سان ٽيمپرنگ جو امڪان آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔