پيٽروليم ڊيلرز ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ناڪام، پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان برقرار

ڪراچي:  پيٽروليم ڊيلرز ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن جنهن سبب ڇنڇر 15 آگسٽ صبح 6 وڳي کان پيٽروليم ڊيلرز جي اڻڄاتل مدي لاءِ سموري ملڪ ۾ هڙتال يقيني ٿي وئي آهي.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ خدا بخش جي قيادت ۾ وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان گذريل رات ٿيل ڳالهين ۾ ماحول ڇڪتاڻ وارو رهيو. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي وفد ۽ پيٽروليم واري وزارت وچ ۾ 5 ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون.

پيٽروليم ڊيلرز طرفان ڏنل 72 ڪلاڪن جي الٽيميٽم تي وفاقي وزير پيٽروليم ناراضگي جو اظهار ڪيو. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين موجب ڳالهين جي دوران حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني هيٺ مٿانهين جي نظام ۾ تبديلي کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته حڪومت طرفان ڊيلرز جي مارجن ۾ هڪ روپيو 34 پئسا اضافي تي ڳالهيون ڪرڻ جو يقين ڏياريو پر انهي جي منظوري وفاقي ڪابينه سان مشروط ڪئي وئي آهي.

ايسوسيئيشن موجب وفاقي وزير پيٽروليم جي رويي کي ڏسندي پيٽروليم ڊيلرز جي وفد فوري طور تي ڪراچي واپس روانه ٿيا ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. پيٽروليم ڊيلرز جي نمائندن جو چوڻ آهي ته هو ڇنڇر جي صبح هڙتال جي فيصلي تي لاڳيتو قائم آهن.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز جي وفد ۾ چيئرمين ملڪ خدابخش کان علاوه وائس چيئرمين طارق حسن، وائس چيئرمين انور ڪمال، سنڌ جو صدر امير خان جڏهن ته پنجاب کان پيٽروليم ڊيلرز جو وائس چيئرمين راجا وسيم چوڌري، بابر، خواجه ڪاشف الاهي، ڪي پي ڪي کان عبدالمالجد خان ۽ ٻيا به شامل هئا.

 

تبصرے بند ہیں۔