اسلام آباد: صدرِ مملڪت آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ اضافي ججن جي مقرري ۽ ڪجهه اضافي ججن جي مستقل ججن طور توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايوانِ صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري لاهور هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اضافي ججن جي مقرري جي منظوري ڏني آهي. صدر مملڪت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڪجهه اضافي ججن کي مستقل جج بڻائڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.
انهي کان علاوه صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن، الائونسز ۽ پينشن کي وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. صدرِ مملڪت هاءِ ڪورٽ جي ججن جي موڪل، پينشن ۽ مراعات بابت 1997ع جي حڪم ۾ ترميمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.
ايوانِ صدر موجب صدر آصف علي زرداري هارون اختر کي وزيراعظم جو صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
تبصرے بند ہیں۔