سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگردن ڪيمپس جي بينچن کي پاڪستان جي تاريخي ٽائيم لائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو پاران پاڪستان جي 80 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي جشن جي سلسلي ۾  ”قول“ جي عنوان سان هڪ منفرد آئوٽ ڊور آرٽ سرگرمي منعقد ڪئي وئي.

سيبس يونيورسٽي جي شاگردن، خاص طور تي ڊپارٽمينٽ آف ڪميونيڪيشن ڊيزائن جي شاگردن، ڪيمپس جي بينچن کي هڪ تخليقي ٽائيم لائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 1947ع کان 2026ع تائين پاڪستان جي سفر کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو ويو. اها سرگرمي اطھر عباس زيدي جي نگرانيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي.

هر بينچ پاڪستان جي اٺ ڏهاڪن تي مشتمل تاريخ جي هڪ ڏهاڪي جي نمائندگي ڪري رهي هئي، جنهن ذريعي ملڪ جي تاريخ، ارتقا ۽ ترقيءَ کي منفرد انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو. بينچن تي تعليم، خواندگي، علم ۽ قومي ترقيءَ بابت هٿ سان لکيل خوبصورت قولن ۽ شعرن سان سجايو ويو، جن ۾ روايتي خطاطيءَ جي فني انداز کي جديد فني انداز سان گڏايو ويو.

سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو سرگرمي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙ شاگردن سان ملاقات ڪري سندن تخليقي ڪم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. وائيس چانسلر شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، محنت ۽ فني ڪاوشن کي ساراهيندي پاڪستان جي گذريل اٺن ڏهاڪن جي شاندار تاريخي سفر کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي. وائيس چانسلر شاگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي فني صلاحيتن کي مثبت سماجي پيغام عام ڪرڻ ۽ ملڪ جي ثقافتي، فڪري ۽ علمي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا رهن.

 

تبصرے بند ہیں۔