رياض: يمن جي ايران نواز حوثي گروپ سعودي عرب جي سرڪاري تيل ڪمپني آرامڪو جي جازان ريفائنري تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته سعودي اختيارين ريفائنري ۾ باهه لڳڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.
حوثي فوجي ترجمان يحيٰ سريع سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته گروپ سعودي عرب جي ڏاکڻي، مغربي علائقي جازان ۾ واقع آرامڪو ريفائنري کي ڊرون جي ذريعي نشانو بنايو.
سعودي توانائي واري وزارت موجب ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي هئي جنهن کي بعد ۾ وسايو ويو. وزارت باهه لڳڻ جا سبب ظاهر ناهن ڪيا پر لاڳاپيل ادارا واقعي کي منهن ڏيڻ ۽ ٻيون ضروري ڪارروايون مڪمل ڪري رهيا آهن.
جازان ريفائنري سعودي عرب ۽ عالمي توانائي جي منڊي لاءِ انتهائي اهم ٺڪاڻو آهي. اها ريفائنري روزانو تقريبن 4 لک بيرل ٻارڻ جو تيل پراسيس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ الٽرا لائٽ سلفر ڊيزل جهڙيون شيون تيار ڪندي آهي.
اهو حوثين طرفان جازان ۾ آرامڪو جي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جو پهريون واقعو نه آهي، انهي کان اڳ به جازان ۽ بحيره احمر جي سمنڊ تي واقع ينبع ۾ آرامڪو جي ٺڪاڻن کي حملن جو نشانو بنايو ويو آهي.
رپورٽن موجب 27 جولاءِ تي به هڪ حوثي حملي کان پوءِ جازان ريفائنري کي عارضي طور تي بند ڪرڻو پيو هو. انهي حملي ۾ ريفائنري جي انٽيگريٽڊ گيسفيڪيشن ڪمبائنڊ سائيڪل ڪمپليڪس ۽ ٽينڪ فارم جي ڪجهه حصن کي نقصان پهچڻ جا اطلاع سامهون آيا هئا.
ٻئي طرف يمن جي ريڊ سي سامونڊي شهر المخا ۾ حوثين طرفان وڏي پيماني تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جا اطلاع سامهون آيا آهن. يمني حڪومتي فورسز ۽ طبي ذريعن موجب حملن ۾ بندرگاهه شهري ٺڪاڻن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو. شروعاتي فوجي انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ 3 شهري ۽ 4 فوجي اهلڪار شامل هئا جڏهن ته تقريبن 30 ڄڻا زخمي به ٿيا. بعد ۾ ايندڙ طبي ۽ عالمي رپورٽن ۾ فوتين جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 11 ٻڌايو ويو جنهن ۾ 3 شهري ۽ 8 فوجي اهلڪار شامل آهن. جڏهن ته زخمين جو تعداد تقريبن 32 تائين پهچڻ جا اطلاع آهن پر مختلف ذريعن جي انگن اکرن ۾ فرق ظاهر نظر اچي رهيو آهي.
يمني فوج موجب حملن جي دوران فضائي دفاعي نظام حوثين جا 11 ڊرونز ڪيرايا بندرگاهه تي حملن جي نتيجي ۾ شهري ۽ واپاري انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن. سعودي عرب ۽ حوثين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ اهڙي وقت ۾ وڌي رهي آهي جڏهن خطي ۾ اڳ ئي ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري تڪرار سبب سيڪيورٽي صورتحال انتهائي حساس آهي.
حوثين گذريل مهيني سعودي عرب جي خلاف بحيره احمر ۾ بحري ناڪه بندي جو اعلان ڪندي انهي کي يمن جي خلاف سعودي قدمن جو جواب قرار ڏنو هو. جڏهن ته سعودي عرب انهي الزام جي ترديد ڪري ٿو.
تازن حملن جي حوالي سان سعودي عرب ترڪيه ۽ پاڪستان سان هڪ نئي دفاعي معاهدي تي به صحيحون ڪيون آهن. معاهدي جي تحت ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي هٿياربند حملو ٽنهي جي خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔