ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب سنڌ حڪومت پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي 14 آگسٽ 2026 جمعي ڏينهن سموري صوبي ۾ عام موڪل جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
انهي حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب موڪل جي دوران صوبي جون سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون مڪمل طور تي بند رهنديون.
اهو فيصلو صرف سرڪاري کاتن تائين محدود نه آهي پر سمورين ڪارپوريشنز ۽ لوڪل ڪونسلز جون آفيسون به انهي ڏينهن بند رهنديون جڏهن ته معمول جو آفيس جو ڪم به معطل رهندو.
عام موڪل جو اهو فيصلو قومي ڏينهن کي بهترين طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. ته جيئن اهي سمورا ادارا جيڪي عوام کي انتهائي ضروري خدمتون فراهم ڪندا آهن اهي معمول موجب کليل رهندا ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشانين کي منهن نه ڏيڻو پوي.
تبصرے بند ہیں۔