قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ليگز کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهه ۾ مختلف ليگز کيڏڻ لاءِ باقاعده اين او سي (اين او سي) جاري ڪيا ويا آهن.پي سي بي پاران حسن نواز، حنين شاهه، نسيم شاهه، عثمان خان، معاذ صداقت، صاحبزاده فرھان، سفيان مقيم ۽ شاداب خان کي ڪئريبين پريميئر ليگ (CPL) لاءِ 19 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه اسپنر نعمان علي کي 27 سيپٽمبر تائين لنڪا شائر ڪائونٽي کيڏڻ لاءِ، وڪٽ ڪيپر محمد حارث، اسپنر عثمان طارق ۽ اسامه مير کي به سي پي ايل ۾ پنهنجي راند پيش ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.

تبصرے بند ہیں۔